گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري

گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري: گوتم شڪارپوريءَ جو اصل نالو لڌارام ڪـشـارام ڇـاٻـڙيـا هـو. هن 12 اپريل 1917ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. مختصر تعليم حاصل ڪرڻ بعد پريس ۾ ڪم سکڻ لڳو. پريس جي ماحول ۾ رهندي، سندس اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. گرداس ’اداسي‘ ۽ بدر دريشاڻيءَ جي صحبت ۾ شاعريءَ طرف راغب ٿيو. پهرين شاعريءَ ۾ ’ساقي‘ تخلص ڪم آندائين ۽ 1942ع کان پوءِ ’گوتم شڪارپوريءَ‘ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ۽ معروف ٿيو. ورهاڱي بعد هندستان هليو ويو. جتي سنڌو نگر (الهاس نگر) ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس نظم ’سنڌڙي‘ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: ڪريان ساهه صدقي، گهوريان پنهنجو تن، سگهان ڪيئن وساري، مان سنڌڙي وطن، ڀلا ڪيئن وساريان شڪارپور جو پاڻي!


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.04.12  عيسوي

گوتم شڪارپوريءَ جو اصل نالو لڌارام ڪـشـارام ڇـاٻـڙيـا هـو. هن 12 اپريل 1917ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرغلام رسول سرهندي
پير مولانا نثار احمد سرهندي
شيرين عظيم
پير غلام جيلاني شاهه نورائي
سيد سردار علي شاهه
شاهه ولي خان
راڻو رتن سنگهه
جوڻيجوعبدالخالق
سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري
حافظ عبدالڪريم پهوڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون